موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان

ڪراچي:  سنڌ ۾ هيٽ ويو بابت الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، انهي دوران ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي مٿانهين ضلعن ۾ اڄ کان 3 مئي جي دوران هيٽ ويو جو امڪان آهي، صوبي جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم، وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

ڄامشورو، دادو، بينظير آباد، ڪشمور، گهوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾ به خميس تائين گرم ڏينهن رڪارڊ ٿي سگهن ٿا وڌ کان وڌ گرمي پد 36 ڊگري کان وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب 60 سيڪڙو تائين وڌڻ سبب گرمي جي شدت اصل گرمي پد کان وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ياد رهي ته ڪراچي هيٽ ويو وارن علائقن ۾ شامل ناهي ڇو ته ڪراچي، اندرون سنڌ ۾ واقع آهي،  هيٽ ويو وچ ۽ مٿانهين سنڌ تي اثر انداز ٿيندو.

ماهرن گرمي جي لهر دوران عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي احتياط جو مشورو ڏنو آهي جڏهن ته ڏينهن جي وقت شهرين کي سج جي تپش دوران گهرن کان غير ضرري ٻاهر نه نڪرڻ جو مشورو ڏيندي پاڻي وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جو چيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔