راولپنڊي: راولپنڊي جي اڊياله جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اکين جي علاج لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس(پمز) اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي انهي کي 28 اپريل تي چوٿون انٽرا وٽرينل انجيڪشن لڳايو ويو.
رپورٽ موجب طريقيڪار کان اڳ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن عمران خان کي طبي طور تي مستحڪم قرار ڏنو جڏهن ته آپٽيڪل ڪوبرينس نوموگرافي ۾ بهتري جا آثار به ظاهر ٿيا.
پمز موجب سمورين طبي احتياطي تدبيرن جي تحت مائيڪروسڪوپي گائيڊنس ۾ انجيڪشن لڳايو ويو ۽ اهو عمل ڊيئر ڪيئر سرجري جي طور تي ڪاميابي سان مڪمل ٿيو.
علاج جي دوران پي ٽي آءِ باني جي حالت مستحڪم رهي چيڪ اپ کان اڳ ۽ بعد ۾ انهي جو وائيٽلز نارمل رهيو. بعد ۾ انهي کي ضروري هدايتن ۽ فالواپ پلان سان ڊسچارج ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔