واشنگٽن: ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار دوران ٽرمپ انتظاميه جو وڏو فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن تحت ملڪ جو هڪ اهم ترين ادارو مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي.
هن وقت سڄي دنيا جي نظرون آمريڪا ۽ ايران جي تڪرار تي لڳل آهن، ڇاڪاڻ تہ دنيا جو امن ان سان جڙيل آهي. پر اهڙي نازڪ صورتحال ۾ صدر ٽرمپ هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي، ۽ ٽرمپ انتظاميه آمريڪا ۾ سائنس پاليسي سان لاڳاپيل هڪ اهم اداري کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
الجزيره موجب، ٽرمپ انتظاميه آمريڪي نيشنل سائنس بورڊ جي سمورن ميمبرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ آمريڪا ۾ سائنس پاليسي جو اهو اهم ادارو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي.
رپورٽ مطابق، ٽرمپ انتظاميه 22 ميمبرن تي مشتمل آمريڪي نيشنل سائنس بورڊ کي فوري طور تي برطرف ڪيو آهي. ميمبرن کي بغير ڪنهن سبب جي رڳو اي ميل ذريعي برطرفي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو.
هي بورڊ نيشنل سائنس فائونڊيشن جي پاليسي ۽ فنڊنگ جي نگراني ڪندو هو ۽ 1950 کان آمريڪا جي سائنسي پاليسي جو اهم ٿنڀ رهيو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل سائنس فائونڊيشن تقريباً 9 ارب ڊالرن جي تحقيقي فنڊنگ سنڀالي ٿي، ۽ هي بورڊ سائنس ۽ انجنيئرنگ پاليسي سميت وڏن منصوبن جي منظوري ڏيندو هو۔
تبصرے بند ہیں۔