جوهري معاملي کان اڳ هرمز کولڻ واري تجويز تي صدر ٽرمپ ناخوش

واشنگٽن : وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن لوٽٽ هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ پنهنجي قومي سلامتي ٽيم سان ملاقات ڪري رهيو آهي ته جيئن ايران طرفان موڪليل هڪ نئين تجويز تي غور ڪري سگهجي.ترجمان موجب، ايراني تجويز ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.ڪيرولين ليويٽ چيو ته صدر ٽرمپ جون سرخ لڪيرون تمام واضح آهن، آمريڪا اهڙو ڪو به معاهدو قبول نه ڪندو جيڪو ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت ڏئي.

جوهري معاملي کان اڳ هرمز کولڻ واري تجويز تي صدر ٽرمپ ناخوش

رپورٽس موجب ايران هرمز لنگهه کولڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، جڏهن ته جوهري پروگرام بابت ڳالهين کي پوءِ مرحليوار شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.  بي بي سي عربي موجب هڪ آمريڪي عهديدار چيو آهي ته صدر ٽرمپ ايراني تجويز کان “مطمئن” نه آهي، ڇو ته ان ۾ جوهري پروگرام تي ڳالهه نه ڪئي وئي آهي۔ واشنگٽن اڳ ئي چئي چڪو آهي ته جوهري مسئلي تي سڀ کان پهرين ڳالهه ٿيڻ گهرجي۔ آمريڪي پرڏيهي وزيرمارڪو روبيو چيو ته هرمز بابت ايران جو موقف واشنگٽن جي مطالبن تي پورو نٿو لهي۔ هن فاڪس نيوزکي ٻڌايو ته: “جيڪڏهن ايران جي نظر ۾هرمز کولڻ جو مطلب اهو آهي ته اهو ان سان رابطو، ان جي اجازت ۽ ادائيگي کان پوءِ کلي، نه ته هو اوهان تي حملو ڪندو، ته پوءِ اهو لنگهه کولڻ نه آهي.” ايراني ذريعن اڳ چيو هو ته هي تجويز ايران جي جوهري پروگرام تي بحث کي جنگ جي خاتمي ۽ خليج ۾ نيويگيشن سان لاڳاپيل تڪرارن جي حل تائين ملتوي ڪري ڇڏيندي۔ سي اين اين ٻن اهڙن ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ اهو موقف سينيئر قومي سلامتي عملدارن سان ملاقات دوران ظاهر ڪيو، جن مان هڪ تصديق ڪئي ته صدر شايد ان منصوبي کي قبول نه ڪندو، جيڪو واشنگٽن کي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ مليو آهي۔ آمريڪي عملدارن جو خيال آهي ته ايران وٽ موجود افزودہ يورينيم جي مسئلي کي حل ڪرڻ کان سواءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ واشنگٽن کي ڳالهين ۾ اهم اثر و رسوخ کان محروم ڪري سگهي ٿو۔ وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته آمريڪي صدر جلد ئي هن معاملي تي ذاتي طور ڳالهائيندا۔

تبصرے بند ہیں۔