اسلام آباد: پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري لاءِ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 8 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.
تفصيل موجب پاڪستان جي لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان جي لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي پاڪستان آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پهريان ئي پوريون ڪري چڪو آهي.
اجلاس ۾ پاڪستان جي لاءِ توسيعي فنڊ سهولت پروگرام جي تحت ٽئين اقتصادي جائزي جي منظوري ۽ موسمياتي تبديلي جي آر ايس ايف پروگرام جي ٻئي جائزي جي به منظوري جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 27 مارچ تي طئي ٿيو هو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پيٽروليم ليوي 1468 ارب روپين جي حڊف کان وڌيڪ وصول ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته حڪومت ليوي وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي.
آءِ ايم ايف حڪومت تي سبسڊي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته حڪومت معيشت ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي آهي.
ذريعن موجب وچ اوڀر ڇڪتاڻ سبب معاشي خطرا برقرار آهن، حڪومت آءِ ايم ايف کي مالي نظم،ضبط جاري رکڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔