نئين افغان حڪومت بعد وڏي انگ ۾ افغاني پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ سنڌ توڙي پنجاب سان تعلق رکندڙ ميمبرن جو افغاني مهاجرن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهڻ تي احتجاج،  رياستن ۽ سرحدي مامرن جي وفاقي وزير جي طلحا محمود سنڌ سوڌو ملڪ اندر رهندڙ اڻ رجسٽرڊ افغاني مهاجرن جي تعداد کان لاعلمي جو اظهار ڪندي اعتراف ڪيو ته افغاني مهاجرن جا غير قانوني بيشمار ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺاهيا ويا آهن، افغانستان ۾ حڪومت تبديل ٿيڻ کان پوءِ به وڏي تعداد ۾ افغاني مهاجر پاڪستان آيا، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ ميمبر شميم آرا پنهور رياستن ۽ سرحدي مامرن جي وفاقي وزير کان سوال ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ رجسٽرڊ افغاني پناهگيرن جو تعداد ڇا آهي؟

ان سوال جو جواب ڏيندي رياستن ۽ سرحدي مامرن جي وفاقي وزير جي وفاقي وزير طلحا محمود چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 12 لک 82 هزار 963  رجسٽرڊ افغاني موجود آهن، رجسٽريشن کان رهيل افغاني پناهگيرن لاءِ رجسٽريشن جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، هڪ لک 36 هزار 490 افغاني مهاجرن جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي، جنهن تي  سنڌ سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي ميمبر مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ لکين افغاني اچن ٿا انهن جا ڪارڊ به ٺهي وڃن ٿا، 80ع جي ڏهاڪي کان سنڌ ۾ لکين افغاني مهاجر اچي ويا آهن

سڃاڻپ ڪارڊن سوڌو انهن کي سهولتون ملڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي،ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ايئن نٿو ٿي سگهي هتي ڇو؟ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل به ٺهي ٿا وڃن، ان کي ڪيئن روڪيو ويندو؟ جنهن تي وفاقي وزير  طلحا محمود چيو ته اسان کي معلوم ناهي ته غير  رجسٽرڊ افغاني مهاجر ڪيترا آهن، وزارت وٽ رڳو انهن 56 هزار غير رجسٽرڊ افغاني مهاجرن جو رڪارڊ آهي جيڪي 2022ع ۾ پاڪستان کان واپس ويا هئا

افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ ۽ پاسپورٽ ملڻ جا مامرا منهنجي وزارت جي دائري ۾ نه آهن، انهن مامرن کي گهرو وزارت ڏسي ٿي، افغاني مهاجرن جا غيرقانوني بيشمار ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن، ن ليگ جي محمود بشير ورڪ چيو ته پهريان حڪومتي سطح تي اهو چيو ويندو هو ته 50 لک افغاني پناهگير ملڪ ۾ موجود آهن، هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته 12 لک رجسٽرڊ افغاني آهن، ٻڌايو وڃي ته جيڪي افغاني هتي رهن پيا انهن مان ڪنهن کي ڪيترا ٻار پيدا ٿيا؟

ڇا انهن جو رڪارڊ رکيو پيو وڃي؟، انهن ڪري آبادي ۾ ڪيترو اضافو ٿيو؟، بيشمار ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن. جواب ڏيندي وفاقي وزير طلحا محمود  چيو ته هن وقت مون وٽ غير رجسٽرڊ افغانين ڪي به انگ اکر موجود ناهن، افغاني مهاجرن بابت پاپوليشن کاتي کان ڪجهه انگ اکر ورتا آهن، ملڪ ۾ موجود ڪل افغانين پناهگيرن ۾ 4 سالن جي عمر رکندڙ ٻار 15.4 سيڪڙو، 5 کان 11 سال جي عمر رکندڙ 21.6 سيڪڙو، 12 کان 17 سال عمر رکندڙ 14.4 سيڪڙو آهن، 18 کان 24 سالن جي عمر رکندڙ 15.2 سيڪڙو، 25 کان 49 سالن تائين 24.6 سيڪڙو، 50 کان 59 سالن جي عمر رکندڙ 4.5 سيڪڙو آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ خدشا غير رجسٽرڊ افغاني مهاجرن بابت ٿي رهيا آهن، جن پاڪستان جي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، انهن بابت گهرو وزارت کي هتي طلب ڪيو وڃي

پيپلزپارٽي جي مهرين ڀٽو چيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته 12 لک افغاني مهاجرن کي ڪهڙي وقت تائين رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، اهو به ٻڌايو وڃي ته گذريل 6 مهينن کان افغاني مهاجر ڪيترا آيا آهن، انهن جي رجسٽريشن لاءِ بارڊر وٽ ڪهڙو طريقيڪار موجود آهي، ڇا ملڪ ايندڙ افغاني مهاجرن بابت ڪا پاليسي ٺاهي پئي وڃي؟ جواب ڏيندي وفاقي وزير طلحا محمود چيو ته گذريل ڪجهه سالن تائين 12 لک 82 هزار 963 افغاني مهاجرن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو، هن چيو ته افغاني اڻ رجسٽرڊ مهاجرن بابت پتو لڳائڻ لاءِ اسان هڪ سروي ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون، ايندڙ مهينن ۾ ان تي ڪم شروع ٿي ويندو جنهن ۾ گهرو وزارت، نادرا کي به شامل ڪنداسين، جنهن سان اسان وٽ ملڪ ۾ رهندڙ افغانين جي صورتحال سامهون اچي ويندي ۽ معلوم ٿيندو ته ڪيترا افغان مهاجر پاڪستان ۾ داخل ٿيا، لکين ماڻهن جي تصديق ويريفڪيشن جي ڪم ۾ مهينا لڳندا، ان سروي لاءِ گهربل فنڊ فراهم ڪري رهيا آهيون، هن اهو به ٻڌايو ته افغانستان ۾ حڪومت تبديل ٿيڻ بعد به ڪافي تعداد ۾ افغاني پاڪستان آيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔