ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 34هين سالياني عالمي سنڌ ڪانفرنس

ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 34هين سالياني عالمي سنڌ ڪانفرنس 19 نومبر تي لنڊن ۾ ڪوٺائي وئي

ڪانفرنس ۾ آمريڪا، ڪئنيڊا، يورپ، ڀارت ۽ برطانيا جي ڪنڊ ڪڙڇ  مان  وڏي انگ ۾ سنڌي ڪٽنب شريڪ ٿيا

ڪانفرنس ۾ پرڏيهي جماعتن وچ ۾ اتحاد، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ماحولياتي تبديلين بابت مختلف ويهڪون ٿيون، جنهن ۾ پختون ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ افراسياب خان خٽڪ، جڳ مشهور پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس، ڪيتلان جي اسيمبلي ميمبر اليسندرا پلازو، انساني حقن جي اڳواڻ بصير نويد، ڊاڪٽر نصير دستي، نيدرلينڊ مان ارون مگونا، دادا واسواڻي مشن برطانيا جي اڳواڻ رام ڪندناڻي، بلوچ نيشنل موومينٽ جي حسن دوست، سردار امجد يوسف، سنڌي سنگت برطانيا اڳواڻ شهزادو وڌيو ۽ عورت اڳواڻ خديجه مهر سميت مختلف مقررن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو

ڪانفرنس جي شروعات ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ٿي، جنھن ۾ وائيس آف سنڌ لنڊن جي سربراهه امداد علي اوڍو نون چونڊجي آيل اڳواڻن کان حلف کڻايو

ڪانفرنس جي پهرئين سيشن ۾ برطانيه اندر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ ۾  ٻوڏ متاثرين لاءِ پنهنجي تنظيمن پاران ڪيل امدادي سهڪار ۽ سرگرمين کان آگاه ڪيو. جنهن کانپوءِ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ پيدا ٿيل تباهي واري صورتحال تي دل کولي سهڪار ڪندڙ سمورن سنڌين ۽ ٻين تنظيمن جا ٿورا مڃيا

ان موقعي تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ٽيون ڀيرو چونڊيل چيئر پرسن ڊاڪٽر روبينا شيخ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي. سنڌين کي پنهنجي وطن جي حق خوداراديت لاء گڏيل، منظم ۽ متحد جدوجهد ڪرڻي پوندي

پختون ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳواڻ افراسياب خان خٽڪ خطاب ڪندي چيو ته پنجاب پنجابين جو آهي، بلوچستان بلوچن جو، خيبر پختونخوا پختونن جو جڏهن ته سنڌ صرف سنڌين جي آهي ۽ اُن تي حق صرف ۽ صرف سنڌين جو آهي

جڳ مشهور پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته اسان صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن توڙي اُنھن سان لاڳاپيل ادارن کي موسمي پيشنگوئين جي آڌار تي آگاهه ڪيو هو ته تباهي کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺن ۽ تياري ڪن پر افسوس اُن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو

هن چيو ته حڪومت جي نااهلي ڪري شاخن، بندن، خاص طور تي منڇر ڍنڍ کي هٿرادو ڪٽ ڏئي هزارين قيمتي جانيون ۽ مال جو نقصان ڪيو ويو

ڪانفرنس ۾ ڪيٽلان جي اسيمبلي ميمبر اليسندرا پلازو اسپين کان سندن آزادي جو ڪيس پيش ڪيو ۽ چيو ته قومي تنظيمن کي سندن تحريڪ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي

تقريب ۾ عالمي ماهرن جو چوڻ هو ته جيستائين سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن جي مالڪي پاڻ نه ڪندا تيستائين هٿرادو پيدا ڪيل آفتن سميت پنهنجو وجود به بچائي ڪو نه سگهندا

ڪانفرنس جي آخر ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان مختلف قراردادون پڻ پيش ڪيون ويون

قرادادن ۾ چيو ويو تي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي نااهلي سبب سنڌ جي 23 ضلعن جا ماڻهو دربدر ٿِي انتهائي ڏکي زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ اڳ ئي مهنگائي ۽ معاشي بدحالي جو شڪار هئي مٿان وري تازي ٻوڏ ۽ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن سبب غريب ماڻهن جا جانور، فصل، گهر گهاٽ پوري طرح تباه ٿِي ويا آهن. ٻوڏ متاثر بي يارو مدگار ۽ کليل آسمان هيٺ لاچاري واري زندگي گذاري رهيا آهن. چار مهينا گذرڻ باوجود متاثر ضلعن مان پاڻي ڪڍڻ ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ موجوده حڪومت ڪا به تسلي بخش پاليسي نه جوڙي سگھي آهي

ڪانفرنس ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس اقوام متحده سميت عالمي ادارن کان مطالبو ڪَيو ته پاڪستان سرڪار تي مقامي ۽ عالمي عدالتن ۾ ايڪوسائيڊ ECOCIDE جو ڪيس ڪيو وڃي

سينئر صحافي، براڊ ڪاسٽر ۽ ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن جي سربراهه سائين امداد علي اوڍو  جي نئين ڪتاب “ننڊ نه هيريو نيڻ” جي مهورت پڻ ڪئي وئي

ڪانفرنس ۾ جڳ مشهور شاعر عاطف توقير ۽ ڪينيڊا مان آيل روحي ڪلهوڙو سنڌ جي موجوده حالتن تي مزاحمتي شاعري پڙهي ماحول کي گرمائي ڇڏيو

ڪانفرنس ۾ وسڪ اڳواڻ ڊاڪٽر لکو لوهاڻو، ڊاڪٽر دانش مصطفي، ڊاڪٽر صغير شيخ، گل سنائي، اميد علي لغاري، ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، حاجن ڪلهوڙو، رام ڪٽواڻي، دعا ڪلهوڙو، ۽ فضا ڪلهوڙو پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو

 ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مالي سهائتا لاءِ سنڌي موسيقي جي تقريب پڻ رکي وئي. جنهن ۾ هندستان واسي گلوڪار جتن اُداسي قومي گيت ڳائي ڀرپور داد وصول ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔