آرمي چيف جي مقرري بابت وزيراعظم جو خط بچاءَ واري وزارت کي ملي ويو

آرمي چيف جي مقرري بابت وزيراعظم جو خط بچاءَ واري وزارت کي ملي ويو، جي ايڇ ڪيو کي خط کان آگاهه ڪري ڇڏيو اٿئون، اُميد ته آرمي چيف جي مقرري جو مرحلو ٻن ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اُن کانپوءِ عمران خان سان به ٻه هٿ ڪنداسين

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير جو خطاب، خواجه آصف چيو آهي ته اداري جو ماضي ۾ ڪردار آئين کان مٿانهون رهيو آهي، اڄ اُهو ادارو آئين تحت ڪردار ادا ڪرڻ گهري ٿو، پر عمران خان ادارن کي غيرآئيني قدمن تي ورغلائي رهيو آهي

عمران خان اقتدار کسجڻ جي ڏک ۾ چريو ٿي ويو آهي، هو اقتدار جي واپسي لاءِ سمورا غيرآئيني ٽڪساٽ استعمال ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ اسان سوڌو ٻين توشه خانا مان تحفا ورتا هئا، پر عمران خان واحد ماڻهو آهي، جنهن پرڏيهي تحفن کي به ڪاروبار بڻائي ڇڏيو، هُن ڀارت طرفان ڏنل گولڊ ميڊل به وڪڻي ڇڏيو آهي، عمران خان ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪيس ڪري، سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔