ميهڙ واقعو: ايم پي اي ڀائرن سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

دادو : دادو جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڀائرن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آھي، جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو

ام رباب  چانڊيو جي والد، چاچـَي ۽ ڏاڏي کي 17 جنوري 2018 تي قتل ڪيو ويو هو، فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ايم پي اي سردار چانڊيو جي هدايتن تي جوابدارن سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي

فائرنگ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس پٽ مختيار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ قابل چانڊيو مارجي ويا، ام رباب چانڊيو مسلسل گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي

ام رباب  چانڊيو عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان جي فتح ڏانهن پهرين وک آهي، سردار ڀائرن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهچائي رهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔