چين جي صدر ۽  ڪينيڊين وزيراعظم وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

ڪراچي: چين جي صدر شي جنپنگ ۽  ڪينيڊين جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي آھي

جي ٽوينٽي اجلاس جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، چيني صدر شي جنپنگ سخت لهجي ۾ مترجم ذريعي جسٽن ٽروڊو سان ڳالهائيندي چيو ته اهو نامناسب هو، جيڪڏهن توهان ۾ ايمانداري هجي ها ته ائين نه ڪيو وڃي ها

چيني صدر ڪيناڊا جي سربراهه تي سندن ڳالهه ٻولهه ليڪ ڪرڻ جا الزام هنيا، ڪيناڊا جي وزيراعظم ملڪ ۾ چونڊن دوران چين جي مداخلت ۽ جاسوسي جو ذڪر ڪيو هو

 شي جن پنگ  ڪينيڊين وزيراعظم کي ميار ڏني ته اسان جي ڳالهه ٻولهه اخبارن کي ليڪ ڪئي وئي، ڪيناڊا جي وزيراعظم جواب ۾ چيو ته ڪينيڊا ۾ اسان ائين آزاد انداز ۾ ڳالهائيندا آهيون ۽ آئينده به ڳالهائيندا رهنداسين، اهو چئي جسٽن ٽروڊو اڳتي وڌي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔