پي ٽي آءِ ڌرڻو ڪيس: ڊي جي آءِ بي کان رپورٽ طلب، سي پي او پنڊي عدالت ۾ معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي : پي ٽي آءِ جي ڌرڻن جي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سي پي او راولپنڊي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي آءِ بي کان ڌرڻن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ جسٽس مرزا وقاص رئوف پي ٽي آءِ جي ڌرڻن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ڪيپٽن شعيب، سي پي او شهزاد بخاري ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت سي پي او راولپنڊي جي ڏنل ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض ڪندي چيو ته جيڪڏهن سي پي او راولپنڊي اڃا به پنهنجي ميڊيڪل رپورٽ تي قائم رهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ميڊيڪل رپورٽ ڪنهن به طور عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو جواز پيش نه پئي ڪري، سي پي او کان پڇو ته هو عدالت ۾ ڏنل ميڊيڪل رپورٽ تي بيٺل آهي

جسٽس وقاص مرزا چيو ته ڊي جي آءِ بي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌائي ته احتجاجي ڌرڻن سبب ڪهڙي صورتحال هئي، سي پي او ۽ ڊي سي راولپنڊي يقين ڏيارين ته ايندڙ ڌرڻن سان عوام کي تڪليف نه ٿئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياري ته ماڻهن کي ڪو مسئلو نه ٿيندو

ميڊيڪل رپورٽ تي سي پي او راولپنڊي عدالت کان معافي ورتي، جنهن تي عدالت سي پي او راولپنڊي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته سي پي او 2 ڀيرا عدالت کان معافي گهري

عدالت ۾ ڊي آءِ جي موٽر وي کان پڇاڻو ڪيو ته مظاهرين سڄي موٽر وي بلاڪ ڪري ڇڏي ان وقت توهان ڪٿي هئا؟ ڪوئي به 10 ماڻهو اچي موٽر وي بلاڪ ڪن ته ڇا توهان تماشو ڏسندا رهندا؟

عدالت چيو ته لڳي ٿو ته موٽر وي پوليس احتجاج ڪندڙن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي، موٽر وي نيشنل هاءِ وي آهي، ضرورت پوڻ تي هتي جنگي جهاز به لينڊ ڪندا آهن، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔