وڏي وزير تعليم کاتي ۾ وڌيڪ 4 هزار 759 استادن ۽ آفيسرز جي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: وڏي وزير تعليم کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ 4 هزار 759 استادن ۽ آفيسرز جي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

نيون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿينديون، سيڪريٽري تعليم نين ڀرتين جي حوالي سان پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن سفارش اماڻي ڇڏي آھي

نئين ڀرتين ۾ 17 هين گريڊ جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ لاءِ هڪ هزار 564 ڀرتيون ڪيون وينديون، 16 هين گريڊ ۾ هاءِ اسڪول ٽيچرز لاءِ 2 هزار 315 پوسٽون خالي آھن

300 هيڊ ماستر ۽ 17 هين گريڊ جا 580 تعلقي ايجوڪيشن آفيسرز ۽ اسسٽنٽ پڻ ڀرتي ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔