زنده دفن ٿيندڙ عورت ايپل واچ ذريعي پنهنجي جان بچائي ورتي

واشنگٽن: آمريڪا ۾ پنهنجي مڙس هٿان زنده دفن ٿيندي عورت ايپل واچ ذريعي پنهنجي جان بچائي ورتي. تفصيل موجب واشنگٽن ۾ هڪ حيرت انگيز واقعو پيش آيو، هڪ شخص پنهنجي گهر واريءَ کي سخت زخمي ڪرڻ کانپوءِ هن کي هڪ قبر کوٽي زنده دفن ڪري ڇڏيو. جيئن ته 42 سالن جي ينگ سوڪ آن نالي عورت جدوجهد ڪري قبر کان ٻاهر نڪري آئي ۽ پوءِ پنهنجي ايپل واچ تي 911 تي ڪال ڪري مدد طلب ڪري ورتي ۽ اهڙي طرح هن جي جان بچي وئي. پوليس اختيارين موجب 16 آڪٽوبر تي منجهند جو ينگ سوڪ آن کي هن جي مڙس 53 سالن جي چائي ڪيونگ اين چهرو ڍڪي ان کانپوءِ گلي، منهن ۽ ٽنگن کي ٽيپ سان ٻڌي ڇڏيو هو ۽ جهنگ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو. عورت کي بازياب ڪندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته عورت کي هن جي مڙس گهران اغوا ڪيو هو، مڙس ان کان اڳ ڌمڪي ڏني هئي ته اهو هن کي رٽائرمنٽ جي رقم ڏيڻ بدران قتل ڪري ڇڏيندو. رپورٽن موجب عورت جدوجهد ڪري مٽي کوٽي ۽ پاڻ کي قبر کان ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ايپل واچ تي ايمرجنسي ڪال ڪري مدد طلب ڪري ورتي. حملي ڪندڙ مڙس کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔