ارشد شريف قتل مامرو، ڪينيا جي پوليس موقف تان ڦري وئي

ڪراچي:ڪينيا جي پوليس ارشد شريف جي موت تي پنهنجي موقف تان ڦري وئي.

ڪينين پوليس سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت تي موقف تان ڦري وئي ۽ هاڻ  دعويٰ ڪئي آهي ته صحافي جي گاڏي روڪڻ وارن اهلڪار تي پهريان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ارشد شريف مارجي ويو هو.

ان کان اڳ پهرين ڪينين پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ارشد شريف جي ڪار نه روڪڻ تي فائرنگ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔