پيپلزپارٽي ڇڏڻ يا ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ناهي: اعتزاز احسن

لاهور: پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته منهنجو پيپلزپارٽي ڇڏڻ يا ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، پيپلزپارٽي منهنجو خاندان آهي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران اعتزاز احسن چيو ته عمران خان منهنجو دوست آهي، پنجاهه سالن کان هن جو گهر منهنجي گهر سان گڏ آهي، عمران خان کي سٺو انسان سمجهان ٿو

هن چيو ته سياسي اختلاف هجي ته راڻا ثناءُ الله جهڙي زبان استعمال ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکان، خبر اها ئي آهي ته مان پيپلزپارٽي نه پيو ڇڏيان

اعتزاز احسن چيو ته وڪيلن جي تحريڪ دوران به پيپلزپارٽي بدران وڪيلن جي قيادت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو

هن چيو ته ادارن بابت ڏنل پنهنجي بيان تي قائم آهيان، ادارن کي سياست کان پري رهڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔