شيري رحمان صاحبا خاموش ٿيو، اوھان جو اھو رويو درست ناھي: خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دوران وفاقي وزير شيري رحمان تي ڏمرجي پيو

قومي اسيمبلي ۾ خواجا آصف جي تقرير دوران وفاقي وزير شيري رحمان ڳالهائي رهي هئي ۽ ان دوران وفاقي وزير کيس ٽوڪي ورتو

خواجه آصف چيو ته شيري رحمان صاحبه ڇا توهان مون کي ڳالهائڻ ڏيندئو؟ جنهن تي شيري رحمان جواب ڏنو ته ڪوشش ڪريان ٿي

شيري رحمان جي جواب تي خواجا آصف سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته اهوئي ته توهان جو رويو آهي جنهن جي ڪري هي مسئلا آهن، جيڪڏهن توهان ڪجهه به ڳالهايو ته مان پنهنجي طريقي سان جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔