ڪور ڪمانڊرز جو ايٽمي ڪمانڊ ڪنٽرول سسٽم تي اعتماد جو اظهار

راولپنڊي: ڪور ڪمانڊرز پاران ايٽمي ڪمانڊ ڪنٽرول سسٽم تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آھي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي

ڪور ڪمانڊرز جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، ڪور ڪمانڊرز جو ايٽمي ڪمانڊ ڪنٽرول سسٽم تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو

ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

ڪور ڪمانڊرز جو چوڻ ھو تھ پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کان ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي، ايٽمي اثاثن کي ڪو بھ خطرو ناھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔