روس جي فوجي تربيتي مرڪز ۾ فائرنگ، 11 ڄڻا قتل

ماسڪو: روس جي فوجي تربيتي مرڪز ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ يارهن ماڻهو قتل جڏهن ته پندرهن ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻن حملو ڪندڙن رضاڪارن کي نشانو بڻايو جيڪي روس طرفان يوڪرين ۾ وڙهڻ جا خواهشمند هئا.

اختيارين حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي جڏهن ته اهو چيو ويو آهي ته انهن جو تعلق اڳوڻي سوويت يونين جي هڪ رياست سان هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔