عمران خان، فواد چوڌري ۽ ٻين جا ڌانڌلين وارا الزام بي بنياد آهن: اليڪشن ڪميشن ترجمان

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته عمران خان، فواد چوڌري ۽ ٻين جا ڌانڌلين وارا الزام بي بنياد آهن

ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، هيل تائين چونڊن وارو عمل شفاف رهيو آهي

ترجمان موجب ڪو به شخص اليڪشن عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته آئين ۽ قانون موجب سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ حماد اظهرپريس ڪانفرنس ڪندي اليڪشن ڪمشنر تي الزام ھڻندي چيو تھ چيف اليڪشن ڪمشنر جيڏو وڻيس زور لڳائي، عمران خان سمورن تڪن تان وڏي اڪثريت سان کٽي ويندو

فواد چوڌري چيو تھ اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن جي ذيلي تنظيم آهي، پي ٽي آءِ جي پولنگ ايجنٽن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، ڪراچي جي اين اي 237 تي بلال غفار تي حملو به ڌانڌلين جي هڪ ڪڙي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔