پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڪنهن ملڪ لاءِ خطرو نه آهي: نوازشريف

لنڊن: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نوازشريف چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ جي پوري صلاحيت رکي ٿو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون جي پاسداري ڪندو آهي، سندس ايٽمي پروگرام ڪنهن ملڪ لاءِ به خطرو نه آهي.نوازشريف چيو ته آزاد رياستن جيان پاڪستان پنهنجي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جو حق رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔