“دي ليجنڊ آف مولا جٽ اميراڻي فلم آهي، اسان واري غريباڻي هئي مصطفيٰ قريشي“

پاڪستان جي سينيئر اداڪار مصطفيٰ قريشي چيو آهي ته دي ليجنڊ آف مولا جٽ اميراڻي فلم آهي، جڏهن ته اسان جي فلم غريباڻي هئي جنهن عوام جي اڪثريت ڏسي اميراڻو بڻايو هو.

دي ليجنڊ آف مولا جٽ جي ريليز جي حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ مصطفيٰ قريشي چيو ته مولا جٽ پنهنجي دور ۾ ساڍن چئن سالن تائين سئنما گهرن جي زينت بڻيل رهي .

سندس چوڻ هو ته دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ۽ وڏي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي.

خبرون آهن ته فلم تي پنجاهه کان سٺ ڪروڙ رُپين جي لاڳت آئي آهي.

فلم جي ڪردارن تي تبصرو ڪندي مصطفيٰ قريشي چيو ته حمزا عباسي، فواد ۽ ماهرا خان سميت ٻين اداڪارن پنهنجا ڪردار سٺي نموني ادا ڪيا آهن، هدايتڪار بلال لاشاري جيڪو ماحول بڻايو آهي ته ان موجب فنڪارن سٺو ڪم ڪيو آهي.

هن مولا جٽ فلم ۾ پنهنجي ۽ نامياري اداڪار سلطان راهي جي ڪردارن تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪردار ۾ سلطان راهي جو لهجو سخت ۽ سندس آڏو منهنجو ڪردار نرم لهجي وارو هو جنهن کي ماڻهن تمام گهڻو پسند ڪيو هو.

جڏهن ته فلم ۾ حمزا عباسي جو لهجو سخت ۽ فواد جو لهجو نرم ڏيکاريو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔