پريشان آهيان ته هيءَ حڪومت قومي سلامتي تي سوديبازي ڪري ڇڏيندي: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جوبائيڊن ڪنهن ڄاڻ تحت پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت بابت اِن نتيجي تي پهتو، امپورٽڊ حڪومت ته امريڪا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو بيانيو پيش ڪري رهي آهي

امريڪي صدر جوبائيڊن جي پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن بابت بيان تي عمران خان ٽوئٽر ذريعي ردِ عمل ظاهر ڪيو

عمران خان چيو ته پاڪستان امريڪا جيان ڪنهن جنگ ۾ شامل نه رهيو آهي نه وري ڪنهن ملڪ تي جارحيت ڪئي آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته امپورٽڊ حڪومت امريڪا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو بيانيو پيش ڪري رهي آهي، ڇا اِها لاڳاپن جي بحالي آهي؟

عمران خان چيو ته موجوده حڪومت اسان کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو، حڪمرانن رڳو اين آر او ٽو وٺي وائيٽ ڪالر ڏوهارين کي ملڪ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سڀ کان وڏي پريشاني اِها آهي ته هيءَ حڪومت قومي سلامتي تي به سوديبازي ڪري ڇڏيندي، جوبائيڊن جو بيان امپورٽڊ حڪومت جي ناڪام پرڏيهي پاليسي جو چٽو ثبوت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔