شادي تقريب ۾ غير ضروري واڌ، ڪنوار مهمانن وچ ۾ صوفي تي سمهي پئي

نئين دهلي :پاڪستان ۽ ڀارت ۾ شاديون به ٿڪائي ڇڏيندڙ هونديون آهن، جشن ملهائيندي ملهائيندي سڄي رات گذري ويندي آهي پر اسان جون رسمون کُٽڻ جو نالو ئي نه وٺنديون آهن. اهڙي طرح ڀارت ۾ ٿيل هڪ شادي تقريب جو وقت ڪجهه حد کان وڌي ويو ۽ ڪنوار بيزار ٿي وئي، شادي تقريب ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي هئي ڪنوار به سياڻپ جو مظاهرو ڪندي مهمانن سامهون سُمهي پئي. ڀارتي ميڊيا موجب ان شادي جي تقريب صبح تائين جاري رهي ۽ ان دوران ڪنوار ٿڪاوٽ ۽ ننڊ جي شدت سبب ماڻهن جي وچ ۾ ئي صوفي تي سمهي رهي هئي. شاديءَ جي جوڙي ۾ زيور پاتل ڪنوار جي ننڊ جي وڊيو انٽرنيٽ تي پوسٽ ڪئي وئي جيڪا تيزيءَ سان وائرل پڻ ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا واهپيدار پوسٽ ڪيل وڊيو تي مختلف قسم جا ڪمنٽس ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔