حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان پوليس منشيات فروشن پاران عورت اي ايس پي سميت يرغمال بڻايل اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو

رات 3 وڳي پوليس اٽالن منشيات فروش اڪبر لغاري جي گرفتاريءَ لاءِ ڳوٺ ستر موري تي چڙهائي ڪئي

منشيات فروشن حملو ڪري 7 اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدارن اي ايس پي حيدرآباد ڪينٽ علينا راڄپر ۽ ٻين اھلڪارن کي يرغمال به بڻايو

پوليس جا وڌيڪ اٽالا طلب ڪري عورت اي ايس پي ۽ ٻين اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته 6 جوابدار گرفتار به ڪيا ويا

پوليس ڪروڙين رپين جي منشيات ۽ سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته مک جوابدار اڪبر لغاري گرفتار نه ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔