سنڌ وٽ پاڪستان جي مسئلن جو حل موجود آهي: مراد علي شاهه

مٺي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ٿر جو دورو ڪري ها ته هن وقت پاڪستان کي 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل هجي ها

هن چيو ته عمران خان دعوت باوجود ٿر اچڻ پسند نه ڪيو، سنڌ وٽ پاڪستان جي توانائي جي مسئلن جو حل موجود آهي

ٿر ڪول پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ٿر ڪول پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر آهي

صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته وزيراعظم ٿر واسين لاءِ 300 يونٽس تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري، ٿر ڪول جي منصوبن ۾ مقامي ماڻهن جو روزگار يقيني بڻايو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔