راولپنڊي جي عدالت طرفان گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي : راولپنڊي جي عدالت طرفان گهرووزير راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، راولپنڊي عدالت طرفان گهرو وزير  راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا ويا آھن

عدالت طرفان وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، جڏھن تھ اينٽي ڪرپشن جي عملدارن جي راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت ڪاروائي ڪرڻ جي استدعا رد ڪئي وئي آھي

ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام  اڪبر راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، عدالت پاران راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔