سپريم ڪورٽ سول جج جي سربراهي ۾ بڻايل ڪميٽين کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي ڪم ۾ مداخلت کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي ٻوڏ  متاثرن جي بحالي جي ڪم جي  نگراني بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اسٽي آرڊر جي  استدعا رد ڪري ڇڏي آھي، عدالت ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي لاءِ  قائم ڪيل نگران ڪميٽين کي ڪم  جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي

عدالت سول جج جي سربراهي ۾ بڻايل ڪميٽي کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي ڪم ۾ مداخلت ۽ ڪنٽرول کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ ڪميٽي بحالي جي ڪم ۾ نگراني  جون رپورٽس سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ جمع  ڪرايون وڃن

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  اپيل تي ڌرين کي نوٽيسز جاري  ڪري ڇڏيا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔