سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن:شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، جاري بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ سنڌ ۾ وڌيڪ 38 هزار 2 سئو 50 خاندانن کي راشن جا ٿيلها ڏنا ويا آهن

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب هن وقت تائين 13 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهائي چڪا آهيون

متاثرن ۾ وڌيڪ مڇرداڻيون،ترپالون، خيما سميت ٻيو سامان پڻ ورهايو ويو آهي، ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔