آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي : آءِ سي سي ٽي 20 عالمي ڪپ جي ميچن لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽي 20 عالمي ڪپ جي پهرين رائونڊ ۽ سپر 12 مرحلي جي ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايونٽ ۾ گڏيل طور تي 16 امپائرز خدمتون انجام ڏيندا جڏهن ته سيمي فائنلز ۽ فائنل لاءِ  آفيشل جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. آءِ سي سي طرفان اعلانيل ميچ آفيشلز ۾ پاڪستان جي عليم ڊار ۽ احسن رضا کي امپائرز پئنل جو حصو بڻايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔