جناح اسپتال جي اڳوڻي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي کي ليفٽيننٽ ڪرنل جي اعزازي عهدي سان نوازيو ويو

ڪراچي: جناح اسپتال جي اڳوڻي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي کي ليفٽيننٽ ڪرنل جي اعزازي عهدي سان نوازيو ويو آهي .

سيمي جمالي پاران ميڊيڪل جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي پاڪ فوج پاران مڃتا طور کيس اهو اعزاز ڏنو ويو آهي .

ڊاڪٽر سيمي جمالي نوابشاهه کان پنهنجي ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ سول اسپتال ڪراچي ۾ هائوس جاب ڪرڻ کانپوءِ 1988 ۾ جي پي ايم سي ۾ ميڊيڪل آفيسر (ايم او) طور شرڪت ڪئي هئي .

هن 1993 ع ۾ ٿائي لينڊ مان ماسٽر آف پبلڪ هيلٿ منيجمنٽ (ايم پي ايڇ ايم) جي ايڊوانس ڊگري حاصل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ 1995ع ۾ کيس جي پي ايم جي ايمرجنسي شعبي جو انچارج مقرر ڪيو ويو .

بعد ۾ آمريڪي شهر بالٽيمور ۾ موجود جان هاپڪنز يونيورسٽي کيس پبلڪ هيلٿ پاليسي اينڊ انجري پريوينشن ۾ پوسٽ ڊاڪٽرل جي فيلو شپ ڏني هئي.

ڊاڪٽر سيمي جمالي 2010ع ۾ اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ٿي جنهن جي 6 سالن کانپوءِ هوءَ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مقرر ٿي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔