پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ پري ئي رھندي: آرمي چيف

واشنگٽن :  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آھي ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ آئينده به پاڻ کي سياست کان پري رکندي، واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته معيشت جي بهتري معاشري جي پهرين ترجيح هوندي آهي

آرمي چيف جو چوڻ ھو ته ملازمت وارو مدو پورو ٿيڻ بعد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندس، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج پاڻ کي سياست کان پري ڪري چڪي آهي ۽ اڳتي بھ پاڻ کي سياست کان پري رکندي

ان موقعي تي غير رسمي ڳالھ ٻولھ ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ ملڪ جي بيمار معيشت کي بحال ڪرڻ معاشري جي ھر حصيدار جي ترجيح ھجڻ گھرجي، مضبوط معيشت کانسواءِ قوم پنھنجو ٽارگيٽ ھاصل نٿي ڪري سگھي ۽ مضبوط معيشت کانسواءِ سفارتڪاري نٿي ٿي سگھي

ٻئي پاسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ، آمريڪي بچاءُ واري وزير لائيڊ جيمز آسٽن سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف قومي سلامتي جي مشير ۽ نائب پرڏيهي وزير سان به ملاقاتون ڪيون

ملاقاتن ۾گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ سيڙپڪاري بهتر بڻائڻ تي ويچاريو ويو

افغانستان سميت وڏن عالمي مسئلن تي هم آهنگي ۽ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ، انساني بحران ٽارڻ، خطي ۾ امن ۽ استحڪام بهتر بڻائڻ تي غور، آرمي چيف پاران فلوريڊا ۾ طوفان جي تباهي تي افسوس جو اظهار، آرمي چيف ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ گلوبل پاٽنرز جي ڪردار کي ساراهيو

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔