جرمني جي سائنسدانن سمنڊ جي هيٺان سمنڊ ڳولي ورتو

برلن: جرمني جي ماهر سائنسدانن سمنڊ جي هيٺان سمنڊ ڳولي ورتو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب سائنسدانن زمين جي سطح کان هيٺ پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو دريافت ڪري ورتو آهي

جيڪو زمين جي مٿان موجود پاڻي کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي. جرمني جي ماهرن موجب اهو ذخيرو زمين جي هيٺ موجود مينٽل سطح جي مٿان ۽ هيٺ ” ٽرانزيشن زون “ جي وچ  واري حصي ۾ موجود آهي

ماهرن تازي تحقيق ۾ پراڻي نظرئي جي تصديق ڪئي ته سمنڊ جو پاڻي زميني سطح ۾ جذب ٿيندو ٽرائزيشن زون ۾ داخل ٿي ويندو آهي. اهڙي نموني پاڻي رڳو مٿانهين سطح کان ري سائيڪل ناهي ٿيندو پر زمين جي هيٺائين سطح تي پڻ ري سائيڪلنگ جو عمل جاري رهندو آهي. محققن موجب سبڊڪٽنگ پليٽن کي اڪثر ٽرائزيشن زون مان گذرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي

يورپ کان هيٺ ان زون ۾ اهڙيون پليٽن جو وڏو انگ موجود آهي. تازي تحقيق ۾ ڇهه سئو سٺ ڪلوميٽر  اونهائي مان دريافت ٿيندڙ هيرن تي تجربو ڪري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي زمين جي اونهائي ۾ ٽرانزيشن زون ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي موجود آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔