هاڻ سلمان خان جي ماءُ يا ڀاڄائي ٿينديس ته سٺو نه لڳندو: عائشا جهلڪا

ممبئي: ماضي ۾ ڪيترين ئي مشهور فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا عائشا جهلڪا شوبز ۾ واپسي کانپوءِ پنهنجي فلمن جي هيروز سان گڏ ٻيهر ڪم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي

عائشا جهلڪا وڏي عرصي کانپوءِ تازو هڪ ويب شو ”هش هش“ سان انڊسٽري ۾ ٻيهر پير پاتو آهي جنهن ۾ هن سان گڏ جوهي چاولا ۽ سوها علي خان هونديون. انڊسٽري ۾ اچڻ بابت سوال جي جواب ۾ عائشا چيو ته ان وقفي دوران پسند موجب ڪردار نه مليو ان لاءِ ڪم نه ڪيو

هن اڳوڻين فلمن جي هيروز سلمان خان، اجي ديوگن، اڪشي ڪمار ۽ عامر خان سان گڏ ٻيهر ڪم ڪرڻ جي حوالي سان چيو ته هاڻي انهن سان ڪم ڪرڻ عجيب لڳندو ڇاڪاڻ ته مونکي انهن ڪردارن جي آڇ نه ڪئي ويندي جيڪي مان ڪرڻ چاهيندس

عائشا جهلڪا چيو ته هاڻي جيئن سلمان جي ماءُ يا ڀاڄائي ٿينديس ته سٺو نه لڳندو، ڇاڪاڻ ته ماڻهن اسان کي هيرو هيروئن طور ڏٺو آهي. واضح رهي ته عائشا جهلڪا کي سندس فلمن جو جيتا وهي سڪندر(عامر خان سان گڏ)، کلاڙي (اڪشي ڪمار سان گڏ)، سنگرام (اجي ديوگن سان گڏ)، چاچي 420(ڪمال هاسن ۽ تبو سان گڏ) ۽ قربان (سلمان خان سان گڏ) سان مشهور ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔