اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو، 7 سال قيد واري سزا ڪالعدم قرار، مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر به ڪيس مان آجو قرار، کيس ٻڌايل هڪ سال قيد واري سزا به ڪالعدم قرار ڏني وئي آھي

 جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي اپيل تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ۾ چيو ته مريم نواز ته پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي، ان جي ڪري هن جي مٿان ڪيس نه پيو ٺهي

، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ۾ چيو ته اسان رڳو عوامي معلومات ۽ ڪنهن جي ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي فيصلو نه ٿا ڏئي سگهون، احتساب عدالت جولاءِ 2018 ۾ عام چونڊن کان اڳ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائون ٻڌايون هيون

احتساب عدالت نواز شريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔