ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو اڃا ڪٽيل

ٽنڊو رحيم خان : ٽنڊو رحيم خان سميت ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو بحال نه ٿي سگھيو، جنهن ڪري رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا

يونين ڪائونسل ڇني، شاھ حسن، ساوڙو، ٽنڊو رحيم سميت ڇني کان جوھي، دادو ڀان ۽ سيوھڻ سان زميني رابطو بحال نه ٿي سگھيو آهي

اڍائي مهينن کان شھرن سان ڪٽيل رستي جي بحالي جو ھن وقت تائين ڪو ڪم شروع ناھي ڪيو ويو جڏھن ته علائقي واسين عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ۽ ماڻھون ٻيڙين جا ٻيڻا ٽيڻا پئسا ڀري شھر پھچن پيا

رستا بحال نه ھجڻ ڪري ۽ ڪاڇي ۾ صحت جون سهولتون نه ھئڻ ڪري مريض شھرن جي اسپتالن تائين نٿا پهچي سگهن ۽ شھرن سان زميني رابطو ڪاٽا ھجڻ ڪري اسپتالن ۾ توڙي عملو به نٿو پھچي سگھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔