اسحاق ڊار وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: 5 سالن تائين پاڻمرادو جلاوطن ٿيڻ بعد ڏيهه واپس آيل اسحاق ڊار سينيٽر جو حلف کڻڻ کان پوءِ وفاقي وزير طور به حلف کڻي ورتو آھي

صدر مملڪت عارف علوي اسحاق ڊار کي حلف کڻايو، ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب دوران وفاقي وزيرن، سرڪاري عملدارن ۽ ٻين شخصتين شرڪت ڪئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽر اسحاق ڊار ناڻي واري وزارت جو قلمدان به اڄ سنڀاليندو

ٻئي پاسي اسحاق ڊار احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي اسحاق ڊار چيو تھ عمران خان سرڪار منھنجو پاسپورٽ ڪينسل ڪرايو ھو، نئين حڪومت مون کي پاسپورٽ جاري ڪيو آھي

ھن چيو تھ مون کي عوام جي خدمت لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي، دعا ڪريو تھ مان پنھنجي ذميواري پوري ڪريان،  گندي سياست کي ختم ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔