دُنيا کي ٻڌايوآھي ته جبل جيڏن چئلينجز کي اڪيلي سر منهن نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم

دادو: وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪڪڙ ڀرسان قائم ٿيل ٽينٽ سٽي جو دورو، وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته دادو ضلعي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، هزارين گهر ٻڏي ويا ۽ فصل به تباهه ٿي ويا

وڏي وزير مراد علي شاھ موجب ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ڪئمپس قائم ڪيون پيون وڃن، پر خيمن جي کوٽ آهي، رليف ڪئمپ تي وزيراعظم سان ڪچهري دوران متاثرن طرفان ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ امداد نه ملڻ جون دانهون ڪيون ويون

 متاثرن جي شڪايت تي وزيراعظم طرفان ڪي اين شاهه جو گرڊ اسٽيشن فوري بحال ڪرڻ جي هدايت، سيپڪو عملدارن مان ڪير به وزيراعظم کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ نه پهتو، وزيراعظم گهڻي دير تائين ٻوڏ متاثرن سان ڪچهري ڪئي ۽ ٻارن کان پاڪستان زنده آباد جا نعرا به لڳرايا

وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي ته دُنيا کي ٻڌايو اٿئون ته جبل جيڏن چئلينجز کي اڪيلي سر منهن نٿا ڏئي سگهون، عالمي برادري کي اڳتي اچڻو پوندو، ڏُکئي وقت ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڇڏي ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي

وزيراعظم شهباز شريف پاران دادو ضلعي ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري دوران ڳالهيون ڪيون ويون، ھن چيو تھ پاڪستان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ڪاربن خارج ڪري ٿو، اسان ٻين ملڪن جا ڪيتا لوڙي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب 30 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن

وزيراعظم چيو تھ  اُميد آهي ته گڏجي ڏُکئي وقت مان نڪري اينداسين ۽ پاڪستان ترقي جي دڳ تي ايندو، بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي متاثرن ۾ 42 ارب رُپيا ورهايا اٿئون، دادو جي ڪجهه رليف ڪئمپن ۾ متاثرن کي 25-25 هزار روپيا نه مليا

ڊي سي دادو ۽ وڏي وزير کي فوري اها رقم پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي، رليف ڪئمپن ۾ خوراڪ ۽ دوائون دستياب آھن

ھي به پڙھندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔