ڊي سي دادو هڪ ڪلاڪ ۾ پيش ٿئي، نه ته وارنٽ جاري ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ


حيدرآباد :ڪي اين شاهه مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ داخل توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضيٰ علي شاه جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

اي اي جي پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڊپٽي ڪمشنر مصروف آهي ان ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ڪي اين شاه پيش ٿيو آهي

عدالت چيو ته اي جي صاحب توهين عدالت جي درخواست ۾ ته هر عملدار پيش ٿئي ٿو، پوءِ ڊي سي عدالت ۾ ڇو ناهي پهتو

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر دادو هڪ ڪلاڪ جي اندر پيش نه ٿيو ته سندس خلاف وارنٽ جاري ڪري ايس ايس پي کي حڪم ڏنو ويندو ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

عدالت اي سي کان سخت پڇاڻو ڪيو ته عدالت ڪي اين شاه ۾ مشينري پهچائي پاڻي نيڪال جو حڪم ڏنو ان تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي

اي سي جواب ڏنو ته ڪجه پاڻي گهٽ ٿيو آهي، : عدالت جا ريمارڪس ڏنا ته اهو پاڻي ته قدرتي گهٽ ٿيو آهي اوهان هيستائين ڪو تحرڪ ناهي ورتو لڳي ٿو اوهان کي رڳو فنڊ ئي هڙپ ڪرڻا آهن

ڊي جي سنڌ ۽ ڊي ايڇ او دادو جي پيش نه ٿيڻ تي به عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو ڪيو ويو

هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري الطاف سچل اعواڻ صوبائي حڪومت کي ڌر بڻائيندي 13 سيپٽمبر واري عدالتي حڪم جي تڪميل نه ٿيڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي

هن موقف اختيار ڪيو هو ته لاڳاپيل عدالت 14 ڏينهن اڳ ڊي سي دادو ۽ ٻين کي حڪم ڏنو هو ته ڪي اين شاهه مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ مشيبون لڳايون وڃن پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔