سنڌ جي 10 ضلعن لاءِ پنجاب کان 380 ڊاڪٽرز جون خدمتون طلب

ڪراچي: سنڌ سرڪار ٻوڏ سٽيل 10 ضلعن لاءِ پنجاب کان 380 ڊاڪٽرز جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن

صحت کاتي جي سيڪريٽري پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ هيلٿ سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو

خط ۾ چيو ويو آهي ته نوشهروفيروز، ڄامشورو، سانگهڙ، قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ آهي

صحت کاتي موجب لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، جيڪب آباد، خيرپور ۽ بدين ۾ به ڊاڪٽرز جي سخت کوٽ آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ مدد لاءِ هنگامي بنياد تي پنجاب مان 380 ڊاڪٽرز اماڻيا 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔