توهين عدالت ڪيس: عمران خان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت مامري تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي معافي قبوليندي فرد جرم جي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي

چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان، شاهه محمود قريشي، شبلي فراز ۽ عمران خان جو وڪيل حامد خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص کي عدالت جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي

عمران خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن هن ڪا ريڊ لائين ڪراس ڪئي آهي ته ان تي معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن عدالت ٻيو ڪجهه چاهي ته ان لاءِ به تيار آهيان

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اوهان بيان رڪارڊ ڪرايو ٿا ته پوءِ فرد جرم جي ڪارروائي نٿا هلايون، اوهان بيان جي سنگيني کي سمجهيو، اسان اوهان جَي اِن عمل کي ساراهيون ٿا، هاڻ اوهان لکت ۾ بيان جمع ڪرايو، عدالت اُن جو جائزو وٺندي

عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي وقت 2 ايس پيز سميت 710 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا، هاءِ ڪورٽ جي چوڌاري سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان مانيٽرنگ ڪئي وئي

عدالت عمران خان کي حڪم ڏنو ته 29 سيپٽمبر تي لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرايو، اُن کانپوءِ عدالت اُن جو جائزو وٺندي، في الحال اوهان تي فرد جرم لاڳو نٿا ڪيون’

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔