ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي، ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو: وفاقي وزير/ اين ڊي ايم اي چيئرمين

اسلام آباد: وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪابه کوٽ ناهي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاسڪو ۽ سنڌ سرڪار جي گودامن تي رکيل ڪڻڪ کي جزوي نقصان پهتو آهي

وفاقي وزير احسن اقبال، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھن

اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو آهي ته هيل تائين 114 جهاز امدادي سامان کڻي پهتا آهن، ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، مليريا ۽ ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ ۾ فصلن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ماڻهن جي ميڙي چونڊي ۽ اناج ٻوڏ ۾ لڙهي ويو، 8 لک کان وڌيڪ چوپايي مال کي نقصان ٿيو آهي، 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سوين ٻوڏ متاثر رستن تي ويٺا آهن

احسن اقبال جو چوڻ ھو تھ  اسان جو فرض آهي ته ٻوڏ متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن جي سار لهون، ٻوڏ سبب وڏي تباھي آئي آھي، پاڪ فوج، اين جي اوز ۽ ٻيون سياسي توڙي سماجي تنظيمون ڪم ڪري رھيون آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔