آمريڪي سرڪار طرفان پاڪستاني عوام لاءِ ڪورونا ويڪسين ڏيڻ واري مهم جو افتتاح

ڪراچي: پاڪستان ۾ قائم آمريڪي مشن جي نائب سربراه اينڊريو شوفر ۽ سنڌ جي صحت جي وزير ڊاڪٽرعذرا فضل پيچوهو آمريڪي سرڪار طرفان پاڪستاني عوام لاءِ عطيو ڪيل ڪورونا ويڪسين ڊوز ڏيئي ٻارن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين ڏيڻ واري مهم جو افتتاح ڪيو ويو.

هن مهم جي پهرئين مرحلي ۾ 5 کان 11 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي ڪورونا وئڪسين جا هڪ ڪروڙ 60 لک ڊوز ڏنا ويندا. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (يو ايس ايڊ) طرفان مهم هلائڻ لاءِ 2 ڪروڙ ڊالرز جاري ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته مهم دوران 8 ضلعن ۾ اٽڪل 50 لک ڊوز ڏنا ويندا ۽ 25 لک ٻارن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.

افتتاحي تقريب ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري ذوالفقار شاه، صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد جمن باهوٽو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ ويچارونڊيندي آمريڪي مشن جي نائب سربراهه شوفر چيو ته “سنڌ ۾ 95 سيڪڙو ماڻهن کي مڪمل طور وئڪسين ملڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جنھن ۾ 12 سال ۽ اُن کان وڌيڪ عمر جا ٻار شامل آهن. جڏهن ته آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستاني عوام لاءِ عطيو ڪيل ويڪسين 5 کان 11 سالن جي عمر جي ٻارن کي ڏني پئي وڃي. آمريڪا يو ايس ايڊ ذريعي ڪورونا جي مڪمل خاتمي تائين سنڌ جي صحت کاتي سوڌو پاڪستان جي عوام سان ڀرپور سهڪار جاري رکندو.”

آمريڪي سرڪارهيل تائين پاڪستان کي ڪووڊ-19 جا 7 ڪروڙ 70 لک ڊوز عطيئي طور ڏيئي چڪي آھي ، جن ۾ ٻارن لاءِ پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين جا هڪ ڪروڙ 60 لک ڊوز شامل آهن. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (يو ايس ايڊ) طرفان مقامي ڀائيوارن سان گڏجي سنڌ ۾ ويڪسين جي گهرج پوري ڪرڻ جي حوالي سان غيرمعمولي ڪم ڪيو پيو وڃي. تازو آمريڪا طرفان ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ڪورونا سوڌو وبائي بيمارين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ کي 4 موبائيل ٽيسٽنگ ليب ڏنيون ويون آهن.

آمريڪا ۽ پاڪستاني حڪومت وچ ۾ وبائي بيمارين جو پتو لڳائڻ، صحت جي نظام ۾ بهتري ۽ صلاحيت وڌائڻ جي سلسلي ۾ ڀائيواري جاري آهي.

آمريڪي حڪومت يو ايس ايڊ ذريعي سنڌ ۾ وبائي بيمارين جي نگراني توڙي روڪٿام لاءِ قائم صوبائي يونٽ سان گڏجي ڪم ڪري رھي آهي، ته جيئن ڪورونا جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي سطح تي قائم 30 نون سرويلنس اينڊ ريسپانس يونٽس کي صوبائي يونٽ سان ڳنڍي سگهجي. سنڌ سرڪار يو ايس ايڊ جي سهڪار سان ڪووڊ-19 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو، جنهن جي صلاحيت ۾ هاڻي اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ ۾ ڪورونا سوڌو ٻين 34 وبائي بيمارين جي خاتمي لاءِ اسٽريٽيجڪ ۽ پاليسي فيصلن تي عمل يقيني بڻائي سگهجي.

صحت جي نظام جي سگه وڌائڻ ۽ خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان يو ايس ايڊ جي سرگرمين جو مقصد ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جي مدد ڪرڻ آهي. يو ايس ايڊ جنوري 2022 کان هيل تائين سنڌ حڪومت کي صوبي جي 10 ضلعن ۾ ويڪسين جا 50 لک ڊوز عطيئي طور ڏيئي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔