سموري دنيا جا ملڪ گڏجي به پاڪستان ۾ ٿيل تباهي جو ازالو نٿا ڪري سگهن:مولانا فضل الرحمان

شڪارپور/لاڙڪاڻو :جي يو آءِ ف سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ الله ڄاڻي سنڌ جي زمينن ۾ ڪيستائين  پاڻي رهندو ۽ ڪڏهن فصل پوکڻ جي قابل ٿينديون

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان شڪارپور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ سموريون جماعتون سياسي اختلاف وساري ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي مدد ڪن

جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان موجب حڪومت وسيلا ڪتب آڻي رهي  آهي، ٻين ملڪن کان به مدد ورتي  پئي وڃي، سموري دنيا جا ملڪ گڏجي به  پاڪستان ۾ ٿيل تباهي جو ازالو نٿا ڪري سگهن

هڪ پارٽي جو سربراهه روز جلسا ڪري چوي ٿو ٻوڏ ملڪ جو مسئلو ناهي، هڪ شخص چوي ٿو ٻوڏ ايندي رهندي  آهي، اڳتي توهان جون زمينون سٺا  فصل ڏينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔