عمان ۾ اڏام دوران ڀارتي جهاز کي باهه لڳي وئي: 14 مسافر زخمي

مسقط :عمان جي تخت گاهه مسقط جي ايئرپورٽ تي ڀارتي جهاز ۾ باهه ڀڙڪي پئي ۽ هنگامي صورتحال دوران 14 مسافر زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي جهاز کي ان وقت باهه لڳي، جڏهن اهو ٽيڪ آف لاءِ رن وي تي هلي رهيو هو، باهه انجڻ ۾ لڳي هئي، جنهن سب جهاز کي فوري طور روڪيو ويو، ايئرپورٽ تي موجود فائر ٽينڊر باهه تي ضابطو آندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه جي واقعي کانپوءِ جهاز اندر دونهون ڀرجي ويو هو، جنهن سبب مسافرن کي هنگامي طور ٻاهر ڪڍيو ويو، ان دوران 14 مسافر زخمي ٿي پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔