چور نواز شريف ۽ دهشتگرد الطاف سان مونکي نه ڀيٽيو: عمران خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي وقت صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چور نواز شريف ۽ دهشتگرد الطاف حسين سان مونکي نه ڀيٽيندا ڪيو

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سوال ڪيو ته خبرون ٻڌڻ ۾ اچن پيون ته اڳوڻي امريڪي سفارتڪار سان ملاقات ٿي آهي، جنهن تي عمران خان چيو ته خبر ناهي ٻيون به الائي ڪهڙيون خبرون آهن

نواز شريف ۽ الطاف کانپوءِ عمران خان مائنس بابت سوال تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نواز شريف چور آهي ۽ الطاف حسين هڪ دهشتگرد آهي، ٻنهي سان مونکي نه ڀيٽيندا ڪريو

صحافين طرفان سوال ڪيو ويو ته خان صاحب اڄ ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿيندو؟، جنهن تي عمران خان تمام گهڻو، تمام گهڻو چيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔