ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٿي ڪٽ به لڳائڻا پوندا آهن: خورشيد شاهه

سکر : وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آھي تھ سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ سبب تباهي  ٿي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورائتا آهيون جنهن پاڻ  اچي جائزو ورتو

 برسات اهو ناهي ڏسندي ته ڪير ڪوري آهي، ميمڻ آهي يا سيد  آهي، ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٿي ڪٽ به لڳائڻا پوندا آهن

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ خورشيد شاھ کان سوال ڪيو ويو تھ سنڌ کي حڪومت هٿ سان  ٻوڙايو آهي؟،  حقيقتون ڏيکارڻ بدران اهڙا سوال  ڪرڻ ملڪ جي خدمت ناهي

خورشيد شاھ چيو تھ اهڙي قسم جون ڳالهيون دنيا ۾  پاڪستان لاءِ سٺو تاثر نه ڏينديون،  ٻوڏ سبب تباهي آئي پر عمران خان  جلسا ڪري رهيو آهي

عمران خان کي گرفتار ڪرڻ بدران  ڇڏيو وڃي ته جيئن هو گهمندو  رهي، ٻوڏ متاثرن جي وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ڀرپور مدد ڪري رھي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔