عورت جج کي ڌمڪيون: عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد: ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪين بابت ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عمران خان  جج آڏو پيش ٿيو

پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته پٽيشنر اڃا تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو، جڏهن ته عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته جاچ آفيسر وٽ عمران خان جو بيان موجود آهي، پراسيڪيوٽر ٻڌائي ته کيس ٽائيم وٺڻو آهي يا بحث ڪرڻو آهي

بابر اعواڻ چيو ته پراسيڪوٽر قانون جي جنهن سيڪشن جو حوالو ڏئي رهيو آهي اُن ۾ جوابدار نه پر گواهن جو ذڪر آهي، اِهو ڪٿي  لکيل آهي ته پوليس وٽ پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿيڻو آهي؟

جج ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جي موجودگي ڪيئن ضروري آهي، سيڪشن 160 پڙهوم جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر سيڪشن 160 پڙهي ٻڌايو

عدالت عمران جي عبوري ضمانت ۾20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔