پي ٽي آءِ امداد ۾ رنڊڪ قرار: شرجيل ميمڻ پاران ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي؛ سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي امداد ۾ پي ٽي آءِ رنڊڪ بڻيل آهي، وفاقي حڪومت امداد ۾ رنڊڪ بڻجندڙن خلاف ڪارروائي ڪري

شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي ريڊ لائين تي آهي، ڪجهه ماڻهو متاثرن جي مدد کان روڪڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن

هن چيو ته وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن جي امداد روڪڻ جي سازش ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو آهي، سستو اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا، پهرين آڪٽوبر تي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچي ويندي

هن چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن جي يوسي جي حساب سان مدد ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪجهه ماڻهو امداد ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔