سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات سبب گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڊھڻ سبب 10 کان وڌيڪ اجل جو شڪار

ڪراچي : سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿي ويا

 ڀريا سٽي جي وارڊ نمبر 4 ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا ۽  6 ڄڻا زخمي ٿي پيا پاڙيسرين لاش ۽ زخمين کي ملبي مان ٻاهر ڪڍيو

 فوتين ۾ گهر ڌڻي، سندس زال ۽ 2 معصوم ٻارڙا شامل، باڊهه ويجهو گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت ۽ ٻار سوڌو 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، موري ۾ مسجد اندر پناهه وٺندڙن مٿان گنبذ ڪري پيو، هڪ برسات متاثر دٻجي فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا

سيتا روڊ ۽ درياءَ خان مري ۾ گهرن جون ڇِتيون ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت، سيکاٽ ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ گهرن جون ڇِتيون ڊهڻ سبب 4 عورتون زخمي ٿي پيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔