برسات سبب قيامت خيز منظر: ٺري ميرواهه شهر ٻڏي ويو

ڪراچي؛سنڌ ۾ برسات جون تباهڪاريون جاري آهن، هر پاسي تباهيءَ جا هنيانءُ ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ ملي رهيا آهن
ٺري ميرواهه شهر مڪمل طور ٻڏي ويو، ڪچا گهر ڊهي ويا، پاڙا پاڻي هيٺ هجڻ سبب متاثرن کي لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن
گمبٽ شهر جي مُک رستن ۽ پاڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، سوين گهر پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر دربدر آهن
ٽنڊو باگو ۾ سوين ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، گهر پاڻي هيٺ اچڻ سبب سوين خاندان لڏپلاڻ تي مجبور آهن
ڪرونڊي ۾ ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آهن، ٽائيم نيوز جي ٽيم پاڻي اُڪاري برسات متاثر علائقن ۾ پهتي، ميهڙ ۾ 10 کان وڌيڪ شاخن ۽ واهن کي گهارن توڙي برسات جا پاڻي سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، ڳوٺاڻن ۽ نوجوانن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاچڪا رکي پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
ايف پي بند کي مختلف هنڌن تي روڻيون پوڻ بعد ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ خوف واري صورتحال آهي
ٺل تعلقي ۾ 500 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، راڻيپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، متاثر روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن
سيوهڻ شهر جا رستا ۽ گهٽيون ڍنڍن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، سرڪاري آفيسز ۽ گهرن اڳيان گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، 500 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن
حيات پتافي جو ڳوٺ عثمان مشوري مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويو، ڪيترائي ڪکان گهر مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن
ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ متاثر کٽن جي ٻيڙي ٺاهي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي رهيا آهن، ڪُنب ۾ ڳوٺ حاجي محمد لائق مڪمل طور ٻڏي ويو، چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڳوٺاڻن کي لڏپلاڻ ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته ڀريا سٽي ۾ 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ آيل آهن، رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ 6 فُٽ پاڻي بيٺل آهي
قاضي احمد ۽ ڀرپاسي جاري وسڪارن متاثرن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، 150 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، ٽائون ڪميٽي، تعلقه اسپتال ۽ ٻيون سرڪاري آفيسز به پاڻي هيٺ آيل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔